ٻانڌيءَ جي تاريخ

ٻانڌيءَ جي تاريخ

ٻانڌيءَ جي تاريخ

ٻانڌيءَ جي تاريخ (ڪتاب): هيءُ ڪتاب شبير احمد عباسيءَ جي تحقيق تي مشتمل آهي. هن ڪتاب ۾ شهيد بينظيرآباد ضلعي جي تعلقي ٻانڌيءَ جي قديم ڳوٺن، ماڳن مڪانن، جاگرافيائي حدن، موسم، اهم جاين، مختلف واقعن، قصن، ڪهاڻين، روڊ رستن، آباد ۽ غير آباد شهرن، مشهور ڳوٺن، محلن، ڪالونين، ذاتين، سرڪاري ادارن ۽ آفيسن، تعليمي ادارن، سرڪاري توڙي خانگي اسڪولن، مدرسن، عبادتگاهن، قبرستانن، مواصلاتي نظام، پاڻيءَ جي نظام، ڪاروبار ۽ ڌنڌن، ثقافت ۽ هُنر، مشهور سياسي سماجي ۽ پيشه ور شخصيتن، اوليائن، بزرگن، صحافين کان سواءِ ٻانڌي واسين جي سياسي سماجي سرگرمين کي شامل ڪيو ويو آهي. ڪتاب جو مهاڳ ناليواري اديب تاج جويي لکيو آهي. هي ڪتاب سمبارا پبليڪيشن حيدرآباد پاران 2016ع ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو، ڊيمي سائيز جي پڪي جلد سان 240 صفحن تي مشتمل هن ڪتاب جي قيمت 300 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو